بلقيس ايڌي

بلقيس ايڌي

بلقيس ايڌي

بلقيس ايڌي: پاڪستان جي مھا سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌيءَ جي گهرواري بلقيس ايڌي به نامياري سماجي ڪارڪن هئي. هوءَ 14 آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هيءَ بلقيس ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه هئي، جنھن کي سندس سماجي خدمتن جي عيوض هلال امتياز ۽ لينن پيس پرائيز به مليا. سندس نگراني هيٺ پاڪستان، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۽ ايمرجنسي سروس هلندي هئي. بلقيس ايڌي نرسز ٽريننگ سينٽر مان ننڍي عمر ۾ ئي نرسنگ جو ڪورس ڪيو. عبدالستار ايڌي سندس سڱ گهريو ۽ اپريل 1966ع ۾ سندن شادي ٿي ويئي. تڏهن کان هن عبدالستار ايڌي سان گڏ پاڪستان جي سڀ کان وڏي فلاحي اداري ۾ ماڻهن جي خدمت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن هن ستار ايڌيءَ سان شادي ڪئي ته سندس مڙس جي ڪُل ملڪيت هڪ ڀڳل ٽٽل ڪار ۽ ننڍڙي ڊسپينسري هئي. پھرين ماڙ تي 7-6 بسترن وارو ويم گهر هو ۽ هيٺ ننڍڙي ڪمري ۾ آفيس هئس. هوءَ بم ڌماڪن جي فوتين جي ميتن کي تَڙُ ڏيندي هئي. بلقيس ايڌي عورتن واري شعبي جي نگران هئي ۽ ٻارن کي هَنج وٺڻ وارو ڪم به هُن پنھنجي ذميواري سمجهي نڀايو. سندس ٻه ڌيئرون به ساڻس گڏ ڪم ڪنديون هيون. هوءَ وقت بوقت سڄي ملڪ ۾ قائم ايڌي سينٽرن جو معائنو ڪندي رهندي هئي. ٻارن کي هَنج ڏيڻ لاءِ سندس اصول اهو هو ته هَنج وٺندڙ جوڙي کي شادي ڪئي، 12-10 سال ٿي چڪا هجن. مرد جي عمر 50 سالن کان گهٽ هجي ۽ سندس پگهار مناسب هجي ۽ گهر پنھنجو هجي. هو اهڙن جوڙن کي ٻار هَنج ۾ نه ڏيندي هئي، جيڪي مسواڙي هجن يا گهر مٽائيندا هجن. جسماني ۽ ذهني طور معذور ٻارن جي به ايڌي فائونڊيشن ۾ پرگهور لڌي ويندي آهي. معذور ٻارن کان علاوه ايڌي وٽ هزارين اهڙن ٻارن جون درخواستون آهن، جيڪي يتيم يا لاوارث آهن ۽ اڃا ڪنھن هَنج نه ورتا آهن. بلقيس ۽ ستار ايڌيءَ کي پنھنجو ذاتي گهر ڪونه هو. سماجي خدمتن ۾ رڌل هن جوڙي کي گڏجي سير تفريح لاءِ ڪو وقت نه ملندو هو. البته هو سماجي ڪم گڏجي ڪرڻ ۾ ئي وقت گذاريندا هئا. کين هڪ پٽ فيصل ۽ ٽي ڌيئر ڪبريٰ، زينت ۽ الماس جو اولاد آهي. بلقيس ايڌي 15 اپريل 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ بلقيس ايڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.14  عيسوي

بلقيس ايڌي 14 آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي.


2022.04.15  عيسوي

بلقيس ايڌي 15 اپريل 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد جمالو خان
اسٽوئرٽ پگٽ
علي مير شاهه
امان الله شيخ
ٽڪا خان
سيد شفقت حسين موسوي
پليجو عبدالرحمان
شادي شهيد فقير
امر لغاري
آنند ٽهلراماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون